آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستان رپيو اڄ به ڪِري پيو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 6 پئسا مهانگو ٿي 239 رپين 71 پئسن تي بند ٿيو.
انٽر بئنڪ جي 15 ڪاروباري سيشن ۾ آمريڪي ڊالر 20 رپيا 73 پئسا مهانگو ٿي چڪو آهي.
هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 50 پئسا سستو ٿي 244.90 رپين جو ٿي ويو.