مونکي ملڪ جي عدليا سان جنگ ناهي ڪرڻي: عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي جنهن سان جنگ ناهي وڙهڻي اها پاڪستان جي عدليا آهي.

اسلام آباد عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت جي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مافائين خلاف حقيقي آزادي جي ويڙهه وڙهي رهيو آهيان، مان جنهن سان جنگ نٿو وڙهڻ چاهيان اها ملڪ جي عدليا آهي.

ان کان اڳ عدالت پهچڻ تي هڪ صحافي عمران خان کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان عدالت کان معافي گهرندئو، جنهن تي عمران خان چيو ته ڏسنداسين، مشروط يا غير مشروط معافي وٺڻ واري سوال تي عمران خان جواب ڏيندي چيو ته توهان کي  سڀ خبر پئجي ويندي.

صحافي عمران خان اهو پڻ پڇو ته توهان جي عدالتن مان جند ڪڏهن آجي ٿيندي؟ جنهن تي هن چيو ته في الحال آجي ٿيندي نظر نه پئي اچي.

Read Previous

انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رپيو اڄ به ڪِري پيو، ڊالر وڌيڪ مهانگو

Read Next

حديقه ڪياني ٻوڏ متاثرن کي ڀاڪر پائي آٿت ڏيڻ لڳي

Most Popular