آڊيو ليڪس معاملو ، وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو

وزيراعظم هائوس سميت اهم جاين تي ڳجهي رڪارڊنگ واري معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو آهي.

وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي سربراهه پڻ شرڪت ڪندا.

آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ جا سربراهه ڳجهي رڪارڊنگ بابت قومي سلامتي ڪميٽي کي آگاهه ڪندا.

اجلاس ۾ بچاءُ وارو وزير، گهرو وزير، پرڏيهي وزير ۽ ناڻي وارو وزير پڻ شرڪت ڪندا.

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران آڊيو ليڪ ٿي هئي جنهن کانپوءِ پي ايم هائوس جي سيڪيورٽي جي حوالي سان سوال اُٿاريا پيا وڃن.

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ان حوالي سان چئي چڪو آهي ته معاملي جي جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ جاچ کانپوءِ اهو پتو پوندو ته پي ايم هائوس جي سيڪيورٽي بريچ ٿي يا نه، في الحال ان کي سنجيدا نه وٺڻ گهرجي.

Read Previous

مريم نواز جي هڪ ٻي آڊيو اچڻ واري آهي: عمران خان

Read Next

ننڍڙو نظر ايندڙ هي پکي وڏو خطرناڪ آهي، ٻين پکين جي رت پيئي ٿو !

Most Popular