پاڪستاني اوپنرن بابر اعظم ۽ محمد رضوان هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو.
بابر ۽ رضوان جي جوڙي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ٻه هزار رنسون ٺاهيندڙ پهرين جوڙي بڻجي وئي.
پاڪستاني اوپننگ پيئر اهو ڪارنامو انگلينڊ خلاف چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انجام ڏنو.
بابر ۽ رضوان هيل تائين ڀائيواري ۾ 2043 رنسون ٺاهي چڪا آهن، ٻنهي ۾ ففٽي يا ان کان وڌيڪ جي پارٽنرشپ 14 ڀيرا ٿي آهي.