پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڪرچاچي ۾کيڏيل چئن ٽي ٽوئنٽي ميچن دوران تماشائين سان ڀريل اسٽيڊيم کي يقين ۾ نه ايندڙ لمحو قرار ڏئي ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي ڪراچي ۾ سيريز جي آخري ميچ جون تصويرون شيئر ڪندي بابر اعظم هڪ پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ لکيائين ته ڪراچي ناقابل يقين رهيو، هاڻ لاهور جو وارو آهي.پاڪستاني ڪپتان طرفان ونڊ ڪيل تصويرن ۾ پاڪستاني رانديگرن کي انگلينڊ جي بيٽرز کي آئوٽ ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.