لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
نوبيل انعام ماڻيندڙ پاڪستاني ملالا يوسفزئي کي پاڪستاني اڪيڊمي سليڪشن ڪاميٽي پاران آسڪر ايوارڊز لاءِ چونڊيل پاڪستاني فلم”جوائي لينڊ“ جي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
سرمدکوسٽ فلمز جي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ملالا يوسفزئي کي فلم ”جوائي لينڊ“ جي ٽيم ۾ ايگزيڪيٽو پروڊيوسر طور شامل ڪيو ويو آهي.
ان حوالي سان ملالا يوسفزئي چيو آهي ته فلم جوائي لينڊ کيس دعوت ڏني آهي ته هو ويجهو رهندڙ ماڻهن لاءِ پنهنجون اکيون کولين، پنهنجي خاندان جي ممبرن ۽ دوستن جي توقع ۽ معاشرتي تعصب کان پري ٿي کين ايئن ڏسن جيئن آهن.
واضح رهي ته تازو عالمي ايوارڊ ماڻيندڙ پاڪستاني فلم ”جوائي لينڊ“ کي پاڪستاني اڪيڊمي سليڪشن ڪاميٽي آسڪرايوارڊز لاءِ چونڊ ڪئي آهي.
فلم ”جوائءِ لينڊ“ جو پريميئر هلندڙ سال فرانس ۾ ڪانز فلم فيسٽيول ۾ ٿيو جتي ان کي خوب ساراهيو ويو ۽ اتي ”جيوري ايوارڊز“ ۽ ”ڪوئير ايوارڊز“ ماڻيا.
فلم جي ڪهاني ٽرانسجيندڙز جي زندگي تي ٻڌل آهي جڏهن ته جواءِ لينڊ جي ڪاسٽ ۾ علي جونيجو، راستي فاروق، علينا خان، ثانيا سعيد، ثروت گيلاني، سهيل سمير ۽ سلمان پير شامل آهن.