پابندي پيل فنڊنگ تي عمران خان سوڌو ٻين خلاف ڪيس داخل

عمران خان

وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.

ايف آءِ اي ذريعن موجب عمران خان خلاف ڪيس پابندي پيل فنڊنگ جي حوالي سان داخل ڪيو ويو.

ايف آءِ اي ۾ ابراج گروپ جي اڪائونٽ مان 21 لک ڊالرن جي رقم جي منتقلي جو ذڪر آهي ۽ ڪيس ۾ سردار اظهر طارق، طارق شفيع ۽ يونس عامر ڪياني به نامزد آهن.

ايف آءِ اي جي متن موجب ابراج گروپ تحريڪ انصاف جي اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليا، اهي پئسا هڪ بئنچ جي جناح اوينيو برانچ ۾ موڪليا ويا.

ايف آءِ اي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف عارف نقوي جو حلفي بيان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو پر عارف نقوي جو اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان ڪوڙو ۽ جعلي آهي.

متن موجب تحريڪ انصاف جو نجي بئنڪ ۾ اڪائونٽ هو، جيڪو نيا پاڪستان جي نالي سان ٺاهيو ويو، نجي بئنڪ جو مئنيجر به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، بئنڪ مئنيجر غير قانوني بئنڪ اڪائونٽ آپريٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

Read Previous

ملالا کي پاڪستاني فلم جو حصو بڻايو ويو

Read Next

هڪ مقرري ملڪ جو سياسي نظام جام ڪري ڇڏيو آهي: شيخ رشيد

Most Popular