ڏھرڪي ۾ ڪيميڪل مان تيار ٿيندڙ کير وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

ڏھرڪي(رپورٽ ڊيوڊ لطيفي)
ڏھرڪي ۾ ڪيميڪل مان تيار ٿيندڙ کير وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف، انتظاميا ۽ فوڊ اٿارٽي اگھور ننڊ ۾ ستل، ڪميڪل مليل کير واپرائڻ سبب رھواسي معدي. جگر ۽ سيني جي بيمارين ۾ پريشان، اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو
خبر موجب ڏھرڪي شھر جي مختلف دڪانن تي ڪيميڪل مان تيار ٿيندڙ کير وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، ڪيميڪل وارو کير استعمال ڪرڻ سبب معدي، جگر ۽ ڇاتي جون بيماريون زور وٺي ويون آھن انتظاميا ۽ صحت کاتو خاموش بڻيل آھي اھڙي سلسلي ۾ اڄ ڏھرڪي واسي ذڪريا شر ڪيميڪل مليل کير کڻي ميڊيا اڳيان دانھيندي مبينا الزام ھڻندي چيو آھي ته ڏھرڪي امام بارگاہ چوڪ تي کير جي دوڪان کان ورتو آھي جنھن کي ڪاڙھڻ کانپوء اھو کير پلاسٽڪ ۾ تبديل ٿي ويو آھي ھن چيو ته ساڳيو کير مان دڪان تي کڻي ويس انھن پنھنجي غلطي به تسليم ڪئي آھي، ھن چيو ته اسان ڪيئي مھينن کان خريد ڪري رھيا ھيا سي جنھن جي ڪري اسان جي گهر ڀاٿي سڀيئي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا ھيا، ھن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪيميڪل مليل کير ھلائيندڙ دوڪان مالڪن خلاف ڪاروائي ڪري ڏھرڪي جي رھواسين جي زندگي بچائي وڃي

Read Previous

ٻاهر نِڪر بزدل ماڻهو! قوم ليڊر ۽ گِدڙ ۾ فرق ڄاڻي ورتو آهي : مريم نواز

Read Next

آءِ ايم ايف : پاڪستان جي فيصلن تي اطمينان جو اظهار

Most Popular