پاڪستان پاران سعودي عرب ۽ ايران جا لاڳاپا معمول تي اچڻ جي آجيان

پاڪستان آجيان

اسلام آباد: پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ چين جي ٽياڪڙيءَ سان سفارتي لاڳاپا معمول تي اچڻ جي آجيان ڪئي آهي.

تهران ۽ رياض 7 سالن کانپوءِ سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ لاءِ جمعي تي بيجنگ ۾ هڪ معاهدي جو اعلان ڪيو، انهيءَ کي هڪ وڏي اڳڀرائي جي طور تي ڏٺو پيو وڃي، جيڪو نه رڳو وچ اوڀر پر ان کان به اڳتي جي شڪل اختيار ڪندو.

پاڪستان کي انهيءَ قدم مان سڌو سنئون فائدو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رقابت اسلام آباد کي مشڪل صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اڪثر ڪري ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ احتياط سان هلڻو پوندو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته هي اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مدد ڪندي.

هن چيو ته اسان چين جي ڊگهي سوچ واري قيادت جي ڪردار کي ساراهيون ٿا،جيڪو تعميري رابطن ۽ معنيٰ ڏيندڙ ڳالهين جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ان هاڪاري اڳڀرائي تي سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي دانشمندانه قيادت جا ٿورا مڃيون ٿا.

ترجمان چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۽ خطي ۾ پنهنجي تعاون جي تاريخ سان گڏ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ ٻنهي برادر ملڪن جي وچ ۾ خليج کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن جي مسلسل حمايت ڪندو رهندو.

Read Previous

ون ويب ڪمپني جو هلندڙ سال سيٽلائيٽ سسٽم سان انٽرنيٽ ذريعي دنيا کي ڳنڍڻ جو فيصلو

Read Next

علي بلال روڊ حادثي ۾ فوت ٿيو: پنجاب جي نگران وڏي وزير تشدد وارا الزام رد ڪري ڇڏيا

Most Popular