عمران خان جو هڪ ٻيو يوٽرن، لاهور ۾ رٿيل ريلوي ملتوي

عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور ۾ ٿيندڙ چونڊ ريلي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر پارٽي سربراهه سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

هن چيو ته ريلي سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن نڪرندي، جيڪا زمان پارڪ کان شروع ٿي داتا گنگ بخش جي مزار تي ختم ٿيندي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته قلم 144 غيرقانوني طور تي صرف پي ٽي آءِ جي چونڊ مهم تي لاڳو ڪيو ويو، لاهور ۾ ٻيون سموريون عوامي سرگرميون هلندڙ آهن.

هن وڌيڪ چيو ته صرف زمان پارڪ کي ڪنٽينر ۽ پوليس جي وڏي نفري سان گهيرو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته واضع طور تي 8 مارچ وانگر پنجاب جو وڏو وزير ۽ پوليس پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف وڌيڪ ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ جهيڙي کي ڀڙڪائڻ چاهين ٿا ۽ ان کي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو بهانو بڻائي رهيا آهن.

پي ٽي آءِ پاران پنجاب جي نگران حڪومت پاران لاڳو ڪيل آرٽيڪل 144 کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ چيلينج ڪرڻ کانپوءِ پلان آخري وقت ۾ تبديل ڪيو ويو.

Read Previous

ارب پتي ايلون مسڪ وڌيڪ پئسا بچائڻ لاءِ ٽوئٽر جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو

Read Next

بنگلاديش انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽي 20 سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

Most Popular