نيوزيلينڊ خلاف سيريز جي شيڊول ۾ ڪجهه تبديلين جو فيصلو

Najam-Sethi

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز جي شيڊول ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون وينديون.

قذافي اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نجم سيٺي چيو ته پنجاب ۾ عام چونڊن سبب شيڊيول ۾ ٿوري تبديلي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم 13 اپريل کان 7 مئي تائين ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ ايتريون ون ڊي ميچون کيڏندي.

پنجاب ۾ 30 اپريل تي عام چونڊون ٿيڻ سبب شيڊيول ۾ ٿوري تبديلي ڪئي ويندي.

نجم سيٺي چيو ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز وقت تي ٿيندي، سيريز ڪراچي کان شروع ٿيڻي هئي ۽ بعد ۾ لاهور ۽ راولپنڊي منتقل ٿيڻي هئي.

هن انڪشاف ڪيو ته هاڻي ڪجهه تبديليون ٿينديون، تفصيل جو اعلان ايندڙ هفتي ڪنداسين.

Read Previous

اداڪاره ميشي خان جي عمران خان جي گاڏيءَ پٺياڻ ڊوڙندي وڊيو وائرل

Read Next

لاهور قلندرز مسلسل ٻيو ڀيرو پي ايس ايل جي ٽرافي کٽي ورتي

Most Popular