آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري، بابر اعظم پهرين نمبر تي برقرار

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري، بابر اعظم پهرين نمبر تي برقرار

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاران جاري ڪيل ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم پهرين نمبر تي برقرار آهي.

رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪي رانديگرن جو هڪ گروپ به شامل آهي, جن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ويسٽ انڊيز خلاف سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪندڙ هينرڪ ڪلاسن 13 درجا مٿي چڙهي 30 هين نمبر تي اچي ويو.

ٽيمبا باووما ٻئين ميچ ۾ وڏي اننگز کيڏڻ کانپوءِ 17 درجا بهتري سان 33 هين نمبر تي اچي ويو آهي، ٻئين پوزيشن تي ڏکڻ آفريڪا جو رسي وان ڊير ڊوسن برقرار آهي.

پاڪستاني بيٽسمين امام الحق هڪ درجو بهتري بعد ٽئين نمبر تي پهچي ويو آهي، ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ چوٿين ۽ شبمن گل پنجين نمبر تي آهي.

آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز جي ٻي ميچ دوران ڀارتي فاسٽ بالر محمد سراج مچل مارش ۽ ٽريوس هيڊ کي آئوٽ ڪيو ، جنهن جي نتيجي ۾ هو ون ڊي بالر رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي پهچي ويو.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت خلاف سيريز ۾ غير حاضر آسٽريلوي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ نيوزيلينڊ جي کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ کان اڳتي آهي.

ويسٽ انڊيز جو فاسٽ بالر الزاري جوزف ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز کٽڻ کانپوءِ ون ڊي بالنگ رينڪنگ ۾ 11هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته سندس ساٿي عقيل حسين 4 درجا مٿي چڙهي 20هين نمبر تي اچي ويو آهي.

آءِ سي سي ٽيسٽ بيٽنگ رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي مارنس لابوشين پهرين نمبر تي آهي، نيوزيلينڊ جو بيٽسمين ڪين وليمسن ٻئين پوزيشن تي اچي ويو آهي.

Read Previous

ڀارت خلاف ٽئين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم ۾ 2 تبديليون

Read Next

مصنوعي ذهانت ڏهاڪن ۾ سڀ کان اهم ٽيڪنالاجي ترقي آهي، بل گيٽس

Most Popular