يورپ کي ايندڙ خلائي ريس ۾ تماشائي بڻجڻ جي خطرو

هڪ بااثر پينل خبردار ڪيو آهي تھ يورپ کي پنھنجع خلابازن کي خلا ۾ موڪلڻ لاءِ لازمي طور تي مڪينزم جوڙڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ايندڙ وڏي ٽيڪ بوم تي خطري کي منهن ڏيڻو پوندو.

يورپي اسپيس ايجنسي پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته خلائي معيشت 20 سال اڳ واري انٽرنيٽ جي برابر آهي، يورپ جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيڻ سان گوگل ۽ ايمازون جي ايندڙ لهر کان محروم ٿي ويندو.

هن ۾ 10 سالن اندر يورپي ماڻهن کي چنڊ تي آڻڻ واري منصوبي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عالمي خلائي معيشت جو موجوده تخمينو 350 بلين يورو ۽ 450 بلين يورو جي وچ ۾ آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي هڪ آزاد اڳڪٿي ٻڌائي ٿي ته اها 2040 کان اڳ هڪ ٽريلين يورو تائين پهچي ويندي.

Read Previous

ورون ڌون پاران اننيا پانڊي جي ڪردار واري نئين ويب سيريز ”ڪال مي بي“ متعارف

Read Next

ڇا آمريڪي حڪومت ٽڪ ٽاڪ تائين رسائي مڪمل طور روڪي سگهي ٿي؟

Most Popular