ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

برانڊن ڪنگ 8 بالن تي 23 ۽ جانسن چارلس 14 بالن تي 28 رنسون ٺاهي ٽيم کي سٺي شروعات ڏياري پر پاول ويسٽ انڊيز کي فتح ڏياري.

ويسٽ انڊيز کي 24 بالن تي 46 رنسن جي ضرورت هئي، جڏهن پاول بيورن فورٽوئن جي ٻئي اوور ۾ 23 رنسون ٺاهيون، آخري ٽن اوورن ۾ گهربل رن ريٽ 7 في اوور تائين پهچايو.

سيسنڊا مئگلا ٻن بالن تي ٻه وڪيٽون ورتيون ۽ آخري اوور ۾ ويسٽ انڊيز کي 9 رنسون گهربل هيون، پاول ٽن بالن تي رنسون ٺاهي ورتيون.

Read Previous

برابري جو مطلب اهو ناهي ته توهان عمران خان جا هٿ ٻڌي ڇڏيو، پي ٽي آءِ سربراهه

Read Next

آمريڪي رياست مسيسپي ۾ سامونڊي طوفان، 25 ماڻهو فوت

Most Popular