هالا ۾ ڪار مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ، بلوچستان واسي 2 جوابدار گرفتار

مٽياري (رپورٽ سيد آصف علي شاهه) ھالا پوليس پاران چيڪنگ دوران ڪار مان 15400 نشي آور سوپاريون گهٽگا زيد 2100 هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايڇ او هالا ڪرم علي عمراڻي دعويٰ ڪئي آهي ته ڳجهي اطلاع تي صبح جو شهداد پور روڊ تي چيڪنگ دوران ڪار ۾ سوار صمد خان ۽ پرويز احمد کي منشيات سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن جو تعلق ڪوئيٽا ۽ پنجگور سان آهي، سندن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب ڪار مان 15400 زيڊ 21 نشي آور پڙيون ۽ گٽڪا هٿ ڪيا ويا آهن.

Read Previous

گمبٽ اسپتال ۾ آپريشن دوران عورت فوت، وارثن جو احتجاج، غفلت جو الزام

Read Next

سيوهڻ ۾ رودناڻي برادري جي ماڻهن جو زمين تي مبينا قبضي ڪوشش خلاف احتجاج

Most Popular