چورن ۽ ڪرپٽ ماڻهن سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪندس: عمران خان

عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو حڪومت سان ڳالهيون نه ڪندو ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون به ته سندس پارٽي جو وفد شرڪت ڪندو.

پرڏيهي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هو انهن سان نه ويهندو جن کي چور ۽ ڪرپٽ چوي ٿو.

هن چيو ته اڄ ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو 90 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرائڻ آهي ۽ جيڪڏهن چونڊون مقرر وقت تي نه ٿيون ته پوءِ آڪٽوبر ۾ به امڪان تمام گهٽ آهن.

چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته رڳو چونڊن واري معاملي تي ئي ٿينديون، چونڊن تي راضي نه ٿيا ته پوءِ ڳالهين جو ڪو فائدو ناهي.

هن چيو ته منهنجو ڪنهن سان به رابطو ناهي، پر مان چونڊون ڪرائڻ خاطر ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان.

هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي تنقيد ڪندي چيو ته ذاتي مفادن لاءِ سپريم ڪورٽ کي ورهائڻ سندس پراڻي حڪمت عملي آهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪري اوهان اهو تاثر ڏئي رهيا آهيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون ناهي، پر پوري قوم سپريم ڪورٽ سان گڏ بيٺي آهي.

عمران خان دعويٰ ڪئي ته 2018ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جون سيٽون اسيمبلي ۾ ڌانڌلي جي اسڪيم ذريعي گهٽايون ويون.

هن اها به دعويٰ ڪئي ته کيس خبر آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڪير سنڀاليندو آهي.

Read Previous

اليڪشن ڪيس: حڪمران اتحاد جو موجوده بئنچ تي اعتراض لڳائڻ جو فيصلو

Read Next

سريلنڪا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

Most Popular