سريلنڪا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
مهمان ٽيم سپر اوور ۾ کٽڻ لاءِ گهربل 9 رنسن جو تعاقب ڪيو, جڏهن اسلانڪا ايڊم مولن کي هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪو هنيو، جڏهن ته مهيش ٿڪسانا جي سخت بالنگ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي.
مين آف دي ميچ اسلانڪا چيو ته اها ڏاڍي دلچسپ صورتحال هئي، ئي ٽيمون تمام سٺي راند ڪري رهيون هيون پر اڄ اسان جو ڏينهن هو.
گذريل ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز ۾ 2-0 جي مارجن تان شڪست کائيندڙ سريلنڪن ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيون.
ميزبان ٽيم طرفان ڊيرل مچل 66 رنسن ۽ مارڪ چيپمين 33 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن کانپوءِ رچن رويندر 13 بالن تي 26 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم کي هدف جي ويجهو آڻي ڇڏيو.
ايش سوڍي پوءِ آخري بال تي ڇڪو هڻي اسڪور برابر ڪيو ۽ سپر اوور قائم ڪيو، پر نيوزيلينڊ ٽائي بريڪر ۾ ٻه وڪيٽون وڃائي مضبوط اسڪور جا موقعا متاثر ڪيا.