نيويارڪ ٽائمز ٽوئٽر کي ادائگي ڪرڻ کان انڪار تي نيري ٽڪ وڃائي ڇڏي

New yark times

نيو يارڪ ٽائمز ٽوئٽر تي پنهنجي نيري ٽڪ کي وڃائي ڇڏي، ڇوته ان تصديق ٿيل رهڻ لاءِ ادائگي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.

ٽوئٽر پهرين اپريل کان ادائگي ٿيل سبسڪرپشن جو حصو بڻيل رهڻ جو اعلان ڪرڻ بعد اڪائونٽن مان تصديقي بيجز کي هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جن تي اڳ ۾ ئي بليو ٽڪ لڳل هئي.

نيو يارڪ ٽائمز ٻين ڪيترين ئي ٻين تنظيمن ۽ مشهور شخصيتن سان گڏ چيو هو ته اها بلو ٽڪ لاءِ ادائگي هرگز نه ڪندي.

ايلون مسڪ اخبار لاءِ توهين جوڳي ٻولي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو، ٽوئٽر باني ٽوئيٽ ڪندي چيو ته @NYTimes جو اصل سانحو اهو آهي ته سندن پروپيگنڊا به دلچسپ ناهي.

ٽوئٽر طرفان ڪوبه سرڪاري تبصرو نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي وري نيو يارڪ ٽائمز ايلون مسڪ جي تبصرن جو جواب ڏنو آهي.

Read Previous

Exactly how are Annual Standard Meetings Carried out?

Read Next

جاپان ۾ سڀ کان وڌيڪ اونهي مڇي ڪئميرا جي اک ۾ اچي وئي

Most Popular