پاڪستاني ٽي 20 رانديگر بهترين آهن: شاهه رخ خان

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ورلڊ ڪپ ۽ ايشيا ڪپ تي بحث دوران بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي هڪ پراڻي وڊيو انٽرنيٽ تي گردش ڪري رهي آهي, جنهن ۾ هو پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي ساراهه ڪري رهيو آهي.

هيءَ وڊيو 2010 جي آهي يعني 13 سال پراڻي، ان انٽرويو جي وقت شاهه رخ خان ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جو ڪو اونر هو، ٽيم چونڊڻ M دٻاءَ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.

وڊيو ۾ ڪنگ خان آءِ پي ايل ۾ کيڏندڙ پاڪستاني رانديگرن بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽر بهترين ٽي 20 رانديگر آهن.

شاهه رخ خان چيو ته مان آل رائونڊر عبدالرزاق کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ چاهيان ٿو پر اخبارن ۾ (ٽيم ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ) سندس ذڪر آيو.

آءِ پي ايل جي پهرئين سيزن ۾ منهنجي ٽيم ۾ وسيم اڪرم سميت پنج رانديگر هئا ۽ مون تي تنقيد ڪئي وئي ڇو ته ٽيم جا ڪيترائي رانديگر پاڪستاني هئا.

شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته آءِ پي ايل لاءِ 11 پاڪستاني رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو هو پر انهن مان ڪنهن کي به نه چونڊيو ويو.

هن ان کي شرم جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ڪي ڪي آر ٽيم جي مالڪ جي حيثيت سان منهنجي لاءِ اها شرم جي ڳالهه آهي ته سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري اسان کي ٽيم مان هڪ ملڪ جي رانديگرن کي ڊراپ ڪرڻو پيو.

Read Previous

عدالتي فيصلن سان ملڪ ۾ سياسي بدامني پکيڙڻ وارن کي رليف ملي ٿو، وزيراعظم

Read Next

جسٽس مظاهر خلاف ريفرنسز: سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ خط

Most Popular