جسٽس مظاهر خلاف ريفرنسز: سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ خط

justice faez isa

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ججز سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لاءِ خط لکي چيو آهي ته جسٽس مظاهر خلاف ريفرنسز تي غور لاءِ ايس جي سي اجلاس گهرايو وڃي.

سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس ساٿي جسٽس سردار طارق مسعود طرفان چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس امير محمد ڀٽي کي ريفرنسز تي غور لاءِ خط لکي ڇڏيو

خط جو متن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر نقوي تي لڳايل الزام سچا آهن يا ڪوڙا، اهو طئي ڪرڻ لاءِ ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي.

خط جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسٽس مظاهر علي نقوي تي الزام ڪوڙا آهن ته جج جي عزت بحال ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن سچا آهن ته سندس خلاف آئين موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

Read Previous

پاڪستاني ٽي 20 رانديگر بهترين آهن: شاهه رخ خان

Read Next

لارجر بئنچ نه جوڙي وئي ته آئيني بحران سبب ايمرجنسي يا وري مارشل لا جو خطرو آهي، بلاول ڀٽو

Most Popular