سپريم ڪورٽ جو فيصلو: اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس اڄ ٿيندو

fed cabnet

حڪمران اتحاد جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو.

اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو، جنهن ۾ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ 14 مئي مقرر ڪئي وئي هئي.

پارليامينٽ ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي حڪومتي موقف کي اجاگر ڪرڻ کانسواءِ نئين تاريخ تي مستقبل جي حڪمت عملي به جوڙي ويندي.

حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي سمورن اتحادين جي مشاورت سان طئي ڪئي ويندي.

ٻئي طرف پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي پيپلز پارٽي پنجاب جو اهم اجلاس 2 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.

اجلاس جي صدارت پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر ڪندي، پارٽي اڳواڻ راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائره، رانا فاروق ۽ حسن مرتضيٰ شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ پارٽي جي تيارين جو جائزو ورتو ويندو، سپريم ڪورٽ جي حڪم ۽ حڪومتي پاليسي جي روشني ۾ پارٽي جي حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي.

سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊون 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

3 رڪني خاص بينچ اليڪشن ڪميشن جي 22 مارچ جي فيصلي کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالت چيو ته آئين ۽ قانون اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي.

سپريم ڪورٽ اليڪشن شيڊول ۾ معمولي تبديلي ڪندي پنجاب ۾ چونڊون 30 اپريل بدران 14 مئي تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Read Previous

How a Business VDR Helps Corporations Meet lots of File Sharing Requires

Read Next

ڊونلڊ ٽرمپ اج مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 34 الزام قبول ڪرڻ کان انڪار

Most Popular