روينا ٽنڊن کي پدم شري ايوارڊ ملڻ تي سندس ڌيءَ زبردست نوٽ لکيو

روينا ٽنڊن هن سال واحد عورت هئي, جنهن کي صدر دروپدي مرمو پاران سڀ کان وڌيڪ وڏي پدم شري ايوارڊ سان نوازيو ويو.

اهو لمحو نه رڳو اداڪارا لاءِ خاص هو پر سندس ڌيءَ راشا لاءِ پڻ فخر جوڳو هو، جنهن هن شاندار ڪاميابي تي پنهنجي ماءُ لاءِ تفصيلي پر زبردست مبارڪباد جو نوٽ لکيو.

راشا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي ۽ روينا جي هڪ تمام پياري تصوير شيئر ڪندي سندس جستجو ۽ ڪاميابين کي ياد ڪيو ۽ زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.

5 اپريل تي پدم شري ايوارڊ شو منعقد ڪيو ويو، روينه ٽنڊن سان گڏ سندس ڌيءَ، مڙس انيل ٿاڊاني ۽ پٽ رنبير به گڏ هئا.

شوبز مان صرف ٻه نالا، روينا ٽنڊن ۽ ناٽو ناٽو ڪمپوزر ايم ڪيراواني، هن سال پدم شري لاءِ چونڊيا ويا.

Read Previous

اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر سڌير نائڪ لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

شيري شاهه پاران شيمون عباسي جي سالگرهه جي موقعي تي عوامي سطح تي واکاڻ

Most Popular