شيري شاهه پاران شيمون عباسي جي سالگرهه جي موقعي تي عوامي سطح تي واکاڻ

اداڪاره شيري شاهه ۽ شمعون عباسي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا، جوڙي پنهنجي شادي جا تفصيل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيا.

شيري شاهه انسٽاگرام تي شمعون عباسي سان هڪ رومانوي تصوير شيئر ڪري سندس سالگره جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون ۽ واکاڻ به ڪئي.

هن چيو، مان توهان جي ڪيترين ئي ڳالهين کي ساراهيان ٿي، جن ۾ توهان جي طاقت، توهان جي خاموشي، توهان جي ڪردار ۽ سالميت، توهان جي مزاح جو احساس، توهان جو دنيا جي خوبصورتي کي ڏسڻ جو انداز مونکي تمام گهڻا پسند آهن.

اداڪاره وڌيڪ چيو ته توهان سان گڏ رهڻ ۾ ڪيترو مزو آهي ۽ منهنجي زندگي ڪيتري خوبصورت تنهنجي ڪري ٿي آهي، منهنجي زندگي ۾ بهترين شيءِ هجڻ جي مهرباني، هر مشڪل ٽري وڃي ٿي، جڏهن توهان ڀرسان هجو ٿا.

هن لکيو ته مان توهان کي پنهنجي زندگي جي ساٿي جي حيثيت ۾ حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريان ٿي. هتي هجڻ جي مهرباني. جنم ڏينهن مبارڪ.

شمعون جي اها ٻي شادي آهي، ڇاڪاڻ ته هو خوبصورت حمائمه ملڪ جو پهريون مڙس هو.

Read Previous

روينا ٽنڊن کي پدم شري ايوارڊ ملڻ تي سندس ڌيءَ زبردست نوٽ لکيو

Read Next

اين ايم اي سي سي گالا: شاهه رخ خان جون پان چٻائڻ واريون تصويرون وائرل

Most Popular