سلطان خان حياتي کي خطري سبب نئين بلٽ پروف گاڏي خريد ڪري رتي

دبنگ اسٽار سلمان خان پنهنجي جان کي سنگين خطري سبب احتياطي اپاءَ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

سلمان خان کي گينگسٽر لارنس بشنوئي پاران مارڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنهن سبب اداڪار کي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.

اداڪار کي ڌمڪيون اي ميل ذريعي موڪليون ويون، کيس پنجابي ريپر سدو موسي والا جيان مارڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي آهي.

سلمان خان پنهنجي سموري حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ نئين بلٽ پروف نسان پيٽرول ايس يو وي درآمد ڪئي، جيڪا اڃا تائين ڀارت ۾ لانچ ئي ناهي ٿي.

ان کان اڳ به اداڪار اهڙي قسم جا حفاظتي قدم کنيا آهن، گذريل سال هن هڪ بلٽ پروف ٽويوٽا لينڊ ڪروزر خريد ڪئي هئي.

Read Previous

زارا شيخ ميڪال ذوالفقار سان لاڳاپن جي تصديق ڪري ڇڏي

Read Next

انعام احمد انڊينپوليس موٽر اسپيڊ وي تي ٽيون تيز ترين وقت مقرر ڪري ورتو

Most Popular