اڪستان ڪو پينو نه پر آءِ ايم ايف جو ميمبر آهي، اسحاق ڊار

Ishaq Dar

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف اجلاس بابت افواهن کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي آمريڪا جو دورو ملتوي ڪيو آهي.

واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف جي مخالفت سبب دورو ملتوي ڪرڻ جي افواهن تي رد عمل ظاهر ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان فقير نه پر آءِ ايم ايف جو ميمبر آهي.

هن زور ڀريو ته آءِ ايم ايف مون کي بهار جي اجلاسن ۾ شرڪت کان نٿو روڪي سگهي.

اسحاق ڊار جي 10 کان 16 اپريل تائين واشنگٽن ۾ ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اسپرنگ اجلاس ۾ شرڪت جو امڪان آهي.

ان دوران هو آءِ ايم ايف انتظاميا سان به ملاقات ڪندو، جنهن ۾ 6.5 بلين ڊالرن جي پروگرام جي بحاليءَ ۾ رڪاوٽون هٽائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

اسلام آباد جنوري جي آخر کان آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي ته 2019 ۾ اتفاق ٿيل 6.5 بلين ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج مان 1.1 بلين ڊالر جاري ڪيا وڃن.

فنڊنگ کي انلاڪ ڪرڻ لاءِ، حڪومت سبسڊي ختم ڪري ڇڏي آهي، مٽاسٽا جي شرح تي مصنوعي ڪيپس ختم ڪري ڇڏيا آهن، ٽيڪس وڌائي ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي.

Read Previous

ن ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) جي مخالفت، پيپلز پارٽي جو پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو مطالبو

Read Next

ڀٽو جي آئين کي دفن ڪرڻ لاءِ سندس پوٽو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، علي زيدي

Most Popular