ام رباب چانڊيو جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي

دادو ( رپورٽ سخي سردار چارڻ ) ام رباب جي ٽن گھر ڀاتين ڏاڏي، چاچي ۽ والد جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ھڪ ڀيرو ٻيھر 15 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

جوابدار ڌر جو وڪيل نه ھجڻ سبب دادو جي ڪرمنل ٽرائيل ماڊل ڪورٽ جي جج حافظ عطا الله شيخ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو عدالت پھتا.. الزام ھيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چاہڊيو ۽ ايم پي اي برھان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا.

گرفتار جوابدار اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو، سڪندر، مرتضيٰ، علي گوھر ۽ ٻين کي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ام رباب چانڊيو چيو ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته گذريل تاريخ تي جوابدارن پاران ڪيس هلائڻ لاءِ اڄ جي تاريخ ورتي وئي هئي پر اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ ورتي وئي.

واضح رهي ته زميندارن جو ڪيس اهڙي طرح دير ڪرڻ جو مقصد مون کي ۽ منهنجي خاندان کي سرداري نظام جو شڪار بڻائڻ آهي ۽ مان سمجهان ٿي ته جيڪڏهن انصاف ۾ دير ڪئي وئي ته مون کي به قتل ڪيو ويندو.آخر انصاف ڪڏهن ملندو؟


حيدرآباد (رپورٽ: نسيم احمد سھتو) افطار پارٽي ۽ ڊنر ۾ سنڌ جي صدر علي زيدي، وومين ونگ سنڌ جي سينيئر ڊويزن سيڪريٽري سيما شيخ، حيدرآباد جي ضلعي صدر صدف شيخ ۽ ٻين اڳواڻن ۽ پي ٽي آءِ جي مقامي چيئرمين ڪائونسلر شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي وومين ونگ سنڌ جي سينيئر ڊويزنل سيڪريٽري سيما شيخ چيو ته خان صاحب جي ايندڙ توجه صرف سنڌ آهي، اسان جي دعا آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون چونڊون اپريل ۾ ٿين ته جيئن اسان ختم ڪري سنڌ جو رخ ڪريون ۽ ختم ڪريون.

Read Previous

ڀٽو جي آئين کي دفن ڪرڻ لاءِ سندس پوٽو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، علي زيدي

Read Next

سنڌ جو عوام جهالت ۽ ڪرپشن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو: اياز پليجو

Most Popular