نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ رواني ٿي وئي

ڪرائسٽ چرچ: پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جي 20 رڪني اسڪواڊ ڪرائسٽ چرچ کان پاڪستان روانو ٿي ويو آهي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ 14 اپريل تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ 15 اپريل ۽ ٽئين 17 اپريل تي لاهور ۾ کيڏي ويندي، سيريز جي چوٿين ۽ پنجين ٽي ٽوئنٽي ميچ 20 ۽ 24 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

ان کانپوءِ پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز شروع ٿيندي، سيريز جي پهرين ۽ ٻي ون ڊي ميچ 27 ۽ 29 اپريل تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

سيريز جي ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ون ڊي ميچن جي سيريز جي 3، 5 ۽ 7 مئي تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.

Read Previous

اسلام آباد پوليس نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار

Read Next

اليڪشن ڪميشن کي 10 اپريل تائين پنجاب چونڊن لاءِ فنڊ نه ملڻ جو امڪان

Most Popular