حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جو پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف مظاهرو

.حيدرآباد (رپورٽ نسيم احمد سھتو) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران قبيلائي جهيڙي ۾ پروفيسر اجمل سيٺار جي قتل ۽ سندس قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

زادي ٿيٻو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته عالم هٿيارن کان آزاد ٿي رهيا آهن پر سنڌ جي علائقن ۾ قبائلي جهيڙا ۽ ڌاڙيل ڪلچر کي زنده رکيو پيو وڃي.

هن چيو ته ان سموري صورتحال جي ذميوار رياست آهي، عوام کي ان خلاف احتجاج ۽ مزاحمت ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته اسان ڊڪٽي ڪلچر، دهشتگردي، قبائلي جهيڙن جهڙن هر عمل جي خلاف آهيون ۽ ان خلاف به وڙهنداسين.

Read Previous

صوبائي وزير ڄام خان شورو پاران حسين آباد ۾ افطار ڊنر جو انتظام

Read Next

ٽنڊي الهيار ۾ ايس ٽي پي جو پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف مظاهرو

Most Popular