چيني ڪمپني علي بابا پاران چيٽ جي پي ٽي جي ڀيٽ ۾ اي آئي متعارف ڪرائڻ جو اعلان

چيني ٽيڪنالاجي ڪمپني علي بابا پنهنجي مصنوعي ذهانت جي چيٽ جي پي ٽي طرز جي پراڊڪٽ کي ٽونگي ڪيان وين متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ يونٽ جو چوڻ آهي ته اهو چيٽ بوٽ کي ويجهي مستقبل ۾ علي بابا جي ڪاروبار ۾ ضم ڪندو، پر ان جي ٽائم لائن تي تفصيل نه ڏيندو.

ويجهڙائيءَ ۾ دنيا جي ٽيڪنالاجي ڪمپنين پنهنجي مصنوعي ذهانت اي آئي چيٽ بوٽس کي ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال جي شروعات ۾، علي بابا انڪشاف ڪيو ته اهو چيٽ جي پي ٽي جي مقابلي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

ٽونگي ڪيان وين جو مطلب آهي هڪ هزار سوال پڇڻ سان جواب ڳولڻ، جيتوڻيڪ علي بابا نالي جو انگريزي ورزن مهيا نه ڪيو آهي.

علي بابا جي چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ڊينيل ژانگ ٽونگي ڪيان وين جي لانچ جي موقعي تي چيو ته اسان مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي ڪري هڪ ٽيڪنالاجي موڙ تي آهيون.

Read Previous

برطانيه هن سال بدترين ڪارڪردگي وارين معيشتن ۾ شامل هوندو، آئي ايم ايف

Read Next

ڏکڻ ڪوريا جو يوڪرين کي هٿيار موڪلڻ کان انڪار، پينٽاگون ليڪ ۾ انڪشاف

Most Popular