لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب جي ترقي جو جيڪو سفر مسلم ليگ (ن) شروع ڪيو هو، گذريل حڪومت ڄاڻي واڻي بند ڪيو، مسلم ليگ ن جي حمايت جو بدلو پنجاب جي عوام کان ورتو ويو.
لاهور ۾ جاري ترقياتي ڪمن بابت اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت جي 4 سالن ۾ پنجاب کي نااهل ۽ ڪٺ پتلي وڏي وزير حوالي ڪيو ويو.
هن چيو ته لاهور ۾ نون منصوبن کانسواءِ اسان جا شروع ڪيل منصوبا بند رکيا ويا.
شهباز شريف جو چوڻ آهي ته وفاق ۾ وڏي وزير جي عهدي کي سياسي ڌانڌلي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار، پنجاب جي نگران وڏي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اماميه ڪالوني فلائي اوور منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم شهباز شريف عوام جي استعمال لاءِ منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.