ڀارت جو جنگي جنون، پهريون ڀيرو دفاعي پيداوار 12 ارب ڊالر تائين پهچي وئي

ڀارت جو جنگي جنون وڌيڪ وڌي ويو آهي، دفاعي پيداوار گذريل مالي سال 12 سيڪڙو وڌي 12 بلين ڊالر ٿي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو پهريون ڀيرو آهي ته ڀارت جي دفاعي پيداوار 12 ارب ڊالر (هڪ ٽريلين رپيا) کان وڌي وئي آهي.

حڪومت ٻين ملڪن کان دفاعي سامان تي ڀاڙڻ گهٽائي رهي آهي، ڀارت گذريل ڏهاڪي کان دنيا جو سڀ کان وڏو هٿيار درآمد ڪندڙ ملڪ آهي، جنهن جي اڌ کان وڌيڪ هٿيارن جي گهرج روس کان اچي ٿي.

يوڪرين ۾ جنگ کانپوءِ روس ٽينڪن ۽ فائٽر جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ پرزا خريد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته روس طرفان فضائي دفاعي نظام جي فراهمي به دير ڪئي وئي آهي.

دفاع واري وزارت موجب، ڀارت جو مالي سال 31 مارچ تي ختم ٿيو، جڏهن ملڪي دفاعي پيداوار 1.07 ٽريلين رپيا هئي.

Read Previous

دبئي جي هڪ ڊگهي عمارت تي هٿرادو چنڊ لڳائڻ جي تياري

Read Next

ڪجھ قدمن سان ليپ ٽاپ جي بيٽري جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي

Most Popular