طاهره سيد شرميلا ٽئگور لاءِ ”اڀي تو ۾ جوان هون“ گيت ڳائي محفل لٽي ورتي

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ليجنڊ گلوڪاره طاهره سيد جنهن کي فلم ”اڀي تو ۾ جوان هون“ مان شهرت ملي، هن پنهنجي ماءُ ملڪه بکراج جو ڳايل هي گيت ڳائي محفل لٽي ورتي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ليجنڊ ڳائڻي طاهره سيد سان گڏ اداڪاره شرميلا ٽئگور ۽ اداڪار منوج باجپائي کي به ڏسي سگهجي ٿو جنهن ۾ پاڙيسري ملڪ ۽ بالي ووڊ انڊسٽري سان تعلق رکندڙ اداڪارا به شامل آهن.

وائرل وڊيو جي ڪيپشن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڊاڪٽر عذرا رضا نيويارڪ جي رضا محل ۾ ڀارتي اداڪارا شرميلا ٽئگور جي اعزاز ۾ هڪ پرائيويٽ پارٽي منعقد ڪئي.

ان تقريب ۾ پاڪستان جي ليجنڊ ڳائڻي طاهره سيد کان علاوه بالي ووڊ اداڪار منوج باجپائي، راهول چٽيلا ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

Read Previous

صرحا اصغر ڊراما انڊسٽريءَ مان مايوس ڇو؟

Read Next

گهر وارا شاديءَ خلاف هئا، ٽڪ ٽاڪر مديحا جو انڪشاف

Most Popular