سامونڊي طوفان بپرجوئي: تيز برساتون پونديون، ڪڪر ڦاٽڻ واري صورتحال هوندي: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ايندڙ طوفان سبب تيز برساتون پونديون ۽ بادل ڦاٽڻ جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي.

سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته هن ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ آهيون، طوفان سبب ڪراچي سميت سنڌ جي سڄي ساحلي پٽي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

هن چيو ته حڪومت پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي ڪڍڻ ڪو سولو ڪم ناهي، 7750 ماڻهن کي گهوڙاٻاريءَ مان ڪڍڻو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سمورن چونڊيل ماڻهن ۽ اسيمبلي ميمبرن جون ڊيوٽيون به لڳايون ويون آهن.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سامونڊي پٽي تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، بحريه طرفان 18 ٻيڙين کي سمنڊ مان ڪڍي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته گڏيل حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، سمورا ادارا فعال آهن، اهم ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي، تيز هوائن ۽ برسات جو خطرو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن طوفان لاءِ انتهائي اهم آهن، برسات ۽ طوفان سبب ماڻهن کي خيمن ۾ نه ٿو رکي سگهجي، پڪا علائقا ڏٺا آهن جتي ماڻهن کي منتقل ڪيو ويندو.

مراد علي شاهه چيو ته سجاول ضلعي ۾ ميڊيڪل ۽ رليف ڪئمپون لڳايون ويون آهن.

هن چيو ته ڪراچي ۾ 70 انتهائي خطرناڪ عمارتن مان ماڻهن کي ڪڍيو ويندو، مختلف هنڌن تي پمپنگ مشينون به لڳايون وينديون، ماضي ۾ اسان کان غلطيون ٿيون آهن، اسان سڀ ڪجهه ڏسي چڪا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته تيز برسات ۽ تيز هوائن ۾ ماڻهو بنا ڪنهن سبب جي گهرن کان ٻاهر نه نڪرندا، اسان به ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اڱاري جي شام تائين بل بورڊ هٽائي ڇڏيا، اربع به آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪمشنر ڪراچي سڄي رٿابندي ڪري رهيو آهي، ماڻهن کي اسڪولن ڏانهن منتقل ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون پيون وڃن، اسيمبلي ميمبرن کي به بجيٽ اجلاس کان موڪل ڏني وئي آهي ته هو پنهنجن علائقن ۾ رهن، جاني نقصان کان بچڻ لاءِ ماڻهن جو ٻاهر نڪرڻ لازمي آهي.

Read Previous

شاهه رخ خان جي مداحن جو نالو گينيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل

Read Next

استحڪام پاڪستان پارٽي جي عهديدارن جو اعلان

Most Popular