طوفان ڪراچي کان 410 ڪلوميٽر جي فاصلي تي پهچي ويو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان بپرجوئي ڪراچي کان 410 ڪلوميٽر ڏکڻ جڏهن ته ٺٽي کان 400 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف پهچي ويو آهي.

موسميات کاتي طوفان بپرجوئي جي حوالي سان اپڊيٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته طوفان اتر اوڀر جي ساحلي علائقن جي ويجهو پهچي ويو آهي.

بپرجوئي 6 ڪلاڪن کان اتر ۽ اتر اولهه طرف وڌي رهيو آهي، مرڪزي هوائن جي رفتار 150 کان 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي.

طوفان جي مرڪز ۾ هوائون 180 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، سسٽم جي مرڪز جي چوڌاري ڇوليون 30 فوٽن تائين مٿي اچي رهيون آهن.

ٺٽو، سجاول، بدين، ٿرپاڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ اڄ کان 17 جون تائين موسمي صورتحال سائڪلونڪ سسٽم جي شدت برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي.

ان دوران هوا جي رفتار 80 کان 100 ۽ ڪڏهن ڪڏهن 120 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿي سگهي ٿي.

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 14 کان 16 جون تائين تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان، ٽنڊي الهيار ۽ ميرپورخاص ۾ به برسات جو امڪان آهي.

حب ۽ لسبيلا ۾ 14 کان 16 جون تائين مٽيءَ واري طوفان ۽ تيز برسات جو امڪان آهي، تيز هوائون ڪمزور عمارتن ۽ مٽيءَ جي گهرن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون.

ڪيٽي بندر ۽ ان جي چوڌاري سامونڊي ڇوليون طوفان دوران 8 کان 12 فوٽن تائين پهچي سگهن ٿيون.

ان دوران سنڌ جي سامونڊي پٽي تي لهرون 2 کان 2.5 ميٽرن تائين ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي ڇوليون 2 ميٽرن تائين ٿي سگهن ٿيون.

موسميات کاتي هدايت ڪئي آهي ته طوفان ختم ٿيڻ تائين مهاڻن کي کليل سمنڊ ۾ نه وڃڻ گهرجي.

بپرجوئي جي اثر هيٺ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مٽيءَ واري طوفان جون هوائون هلي رهيون آهن، ٻنهي شهرن وچ ۾ روڊن تي ويندڙ تي رواني متاثر ٿي رهي آهي.

Read Previous

چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان روبوٽ ڊيزائن ڪيو ويو

Read Next

پهريون هڪ قانون معطل ڪيو، ٻيو نه ٿا ڪري سگهون: چيف جسٽس

Most Popular