نواز الدين صديقي منهنجو مائٽ آهي، سعود قاسمي جو انڪشاف

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار سعود قاسمي انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي اداڪار نواز الدين صديقي سندس مائٽ آهي.

سعود قاسمي تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ تي مهمان طور نظر آيو جتي هن پنهنجي زندگي جي مختلف پهلوئن تي ڳالهايو.

پنهنجي خاندان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارتي اداڪار نواز الدين صديقي ۽ آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجه منهنجا مائٽ آهن.

هن چيو ته ڀارت ۾ رهندڙ منهنجي ڪزن نواز الدين صديقي جي ڀيڻ سان شادي ٿي آهي، جڏهن ته آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجه به منهنجو رشتيدار آهي پر اسان ٻئي ننڍپڻ ۾ گڏ ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين.

Read Previous

عمر اڪمل پنهنجي زال سان گڏ تصوير شيئر ڪئي

Read Next

ليجنڊري اداڪار کي دٻائڻ لاءِ ڌرميندر جي ملازم کي ڪيئن مجبور ڪيو؟

Most Popular