ايماندار پوليس آفيسر ۽ ڏوهاري پٽ جي ڪهاڻي تي ٻڌل فلم ”ممبئي ميري جان“ جو ٽريلر جاري

ڏوهن جي دنيا تي ٻڌل او ٽي ٽي سيريز ”ممبئي ميري جان“ جو ٽريلر اڄ رليز ڪيو ويو.

سيريز 1970 جي ڏهاڪي ۾ ممبئي کي ڏيکاري ٿو، انهي سان گڏ گينگ وار ۽ ڏوهن جي ڪهاڻيون ڏيکاري ٿو.

ٽريلر جي شروعات هڪ جاندار ڊائلاگ سان ٿئي ٿي، ‘ايمانداري جڏهن بک لڳي ته هميشه هارائي ٿي، مان ايماندار هئس پر دارا بکيو هو’.

هن سيريز ۾ ڪي ڪي مينن هڪ پوليس آفيسر اسماعيل قادري جو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اونيش تيواري سندس پٽ دارا قادري جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

هڪ ايماندار پوليس آفيسر جو پٽ غربت ۽ تنگدستي کان تنگ ٿي ڏوهن ڏانهن رخ ڪري ٿو.

Read Previous

تائيوان، سامونڊي طوفان هائيڪي ڪيترائي ماڻهو زخمي، هزارين بي گهر

Read Next

فلم ”جان“ جي رڪارڊ ايڊوانس بکنگ تي شڪ ڪندڙ مداح کي شاهه رخ خان جو جواب

Most Popular