آمريڪي صدر جو بائيڊن جو ٻيهر ماسڪ پائڻ جو فيصلو

آمريڪي صدر جو بائيڊن ڪورونا جي خطري کي نظر ۾ رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر منهن تي ماسڪ پائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وائيٽ هائوس موجب خاتون اول جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ صدر جو بائيڊن احتياطي اپاءَ طور گهر جي اندر ۽ ماڻهن سان ملڻ دوران منهن تي ماسڪ پائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري موجب صدر جو بائيڊن جو سومر تي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آيو آهي ۽ هن ۾ بيماري جي ڪا به علامت ناهي.

پريس سيڪريٽري موجب آمريڪي صدر گهر جي اندر ۽ ٻاهر ٻين کان ڪافي فاصلو رکندي پنهنجو ماسڪ هٽائيندو.

Read Previous

ايلون مسڪ قتل ٿي سگهي ٿو، پيءُ ارول مسڪ کي خدشو

Read Next

برطانيه ويگنر گروپ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular