اميشا پٽيل سنجي ليلا ڀنسالي سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا اميشا پٽيل فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.

اميشا پٽيل هڪ تازي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته يش چوپڙا ۽ سنجي ليلا ڀنسالي سميت ڪيترن ئي نامور فلم سازن ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پر هن پنهنجي مئنيجر جي ڪري اهي سونهري موقعا وڃايا.

هن سنجي ليلا ڀنسالي جي واکاڻ ڪندي چيو ته منهنجي ساڻس هڪ تمام سٺي پروجيڪٽ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي پر مان هتي ان پروجيڪٽ جو نالو نه ٻڌائينديس، ڇاڪاڻ ته ان تي فلم به ٺهي چڪي آهي.

اداڪارا چيو ته بدقسمتي سان ان وقت منهنجي مئنيجر ۽ سنجي ليلا ڀنسالي ۾ اختلاف هئا ۽ پوءِ جڏهن مون پنهنجو مئنيجر تبديل ڪيو ته سنجي ليلا ڀنسالي مون کي چيو ته هو مون سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو پر هو منهنجي مئنيجر سان ڳالهائڻ نه پيو چاهي.

Read Previous

پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ڪولمبو روانيون

Read Next

حيدرآباد ۾ ناري ۽ معصوم ڌيءَ جا لاش والد جي گهر مان هٿ

Most Popular