نگران حڪومت پي ڊي ايم جي ڪيل فيصلن جو بار کڻڻ لاءِ تيار نه آهي: شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نگران حڪومت پي ڊي ايم جي فيصلن جو بار کڻڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي شيخ رشيد چيو ته 16 مهينن ۾ 13 پارٽين طرفان ڪيل فيصلن جو نگران حڪومت طرفان ڪوبه بار کڻڻ جي لاءِ تيار نه آهي. آءِ ايم ايف جي فيصلي تي مٺايون ورهائيندڙن سمور بار عوام تي وجهي ڇڏيو. جيڪي هاڻ هڪ ٻئي تي الزام لڳائي رهيا آهن.

هن چيو ته سموريون 13 پارٽيون تباهي ۽ بربادي جون ذميوار آهن. هنن رياست کي بچائڻ جو نعرو لڳائي رياست کي معاشي طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هي رياست بچائڻ جو نالو کڻي رهيا آهن، هنن کي خبر نه آهي ته عوام جو نالو ئي رياست آهي جنهن کي هنن اونداهي کوهه ۾ اڇلي ڇڏيو آهي.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته هاڻ(ن) ليگ کان علاوه سموريون پارٽيون 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو مطالبو ڪري رهيون آهن. هي اهي ئي پارٽيون آهن جيڪي چونڊن کان ڊنل هيون ۽ اڄ به ڊنل آهن. هنن جيڪا 16 مهينن ملڪ جي تباهي ڪئي آهي ان کان پوءِ هاڻ هي عوام کي منهن ڏيکارڻ جي به قابل نه رهيا آهن.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته گهڻيون شوگرملون اڳوڻي صدر، وزيراعظم، وزيرن ۽ حڪومت جي فرنٽ مينن جون آهن جيڪي هميشه پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرائيندا آهن ۽ ان جي سزا غريب عوام ڀوڳيندو آهي.

Read Previous

ورلڊ ڪپ جي ٽرافي افغانستان پهچائي وئي

Read Next

عمران خان جي وڪيل جوابدار کي جيل ۾ مليل سهوليتن بابت رپورٽ کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular