آريان خان هڪ ويب سيريز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ بوبي ديول سان رابطو ڪيو

شاهه رخ خان جو پٽ آرين خان پنهنجي ويب سيريز جي هدايتڪاري ۾ مصروف آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب آرين خان هڪ ويب سيريز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ بوبي ديول سان رابطو ڪيو آهي.

بوبي ديول ان کان اڳ شاهه رخ خان جي پروڊڪشن هائوس لاءِ ڪم ڪري چڪو آهي.

بوبي ديول هن ويب سيريز جا ڪجهه حصا ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي هو سيپٽمبر ۾ باقي حصو مڪمل ڪندو.

آرين خان ويب سيريز ۾ ڪجهه نون اداڪارن کي شامل ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڊيبيو لاءِ پرجوش آهي.

آرين گذريل سال سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير شيئر ڪندي چيو ته هن ويب سيريز جو اسڪرپٽ مڪمل ڪري ورتو آهي.

هن سيريز جو نالو ’اسٽارڊم‘ آهي جنهن ۾ 6 قسطون هونديون.

Read Previous

شاهه رخ خان واحد اسٽار آهي جنهن انڊرورلڊ، اڳيان هار ناهي مڃي سنجي گپتا

Read Next

بيونس جي ڪنسرٽ ۾ ماڌوري ڊڪشٽ جي ڊانس جي وڊيو وائرل ٿي وئي

Most Popular