جنسي زيادتي جو الزام، نوجوان فيس بڪ لائيو دوران آپگهات ڪري ڇڏيو

ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي شهر ناگپور ۾ هڪ شخص فيس بڪ لائيو دوران پنهنجي گرل فرينڊ ۽ سندس گهرواري طرفان بليڪ ميل ٿيڻ بعد خودڪشي ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 38 ورهين جي شخص منيش فيس بڪ تي لائيو سيشن ۾ ٻڌايو ته 19 سالن جي ڇوڪري ڪاجل ۽ سندس گهروارن کانئس 5 لک رپيا گهريا ۽ ڌمڪيون پڻ ڏنيون ته کيس قتل ڪيو ويندو. هنن کي اهي پئسا نه ڏيو ته هو مون تي جنسي زيادتي جو الزام لڳائي ڪيس داخل ڪندا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 19 سالن جي ڪاجل مبينا طور تي منيش جي گرل فرينڊ هئي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪاجل 6 سيپٽمبر تي گهر مان گم ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سندس گهر وارن جو چوڻ آهي ته هوءَ منيش سان گڏ فرار ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 38 ورهين جي منيش نالي هڪ شادي شده مڙس ۽ ٽن ٻارن جي پيءُ ڪاجل ۽ سندس گهرواري پاران هراسان ٿيڻ بعد درياهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.

Read Previous

ايراني صدر جا سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد کي خط

Read Next

اسپيني صحافي کي لائيو ٽيلي ڪاسٽ دوران هراسان ڪيو ويو

Most Popular