آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر پاران ڪراچي جو دورو

ڪراچي: پاڪستان ۾ آمريڪي مشن جي نائب سربراهه اينڊريو شوفر پاران 13 کان 16 سيپٽمبر تائين ڪراچي جو دورو آمريڪا ۽ سنڌ جي عوام وچ ۾ پائيدار ڀائيواري جي اھڃاڻ آھي، اِن دؤري دوران اينڊريو شوفر کي ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي ترقي کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مختلف موقعا ڳولڻ سان گڏ عوامي سطح تي لاڳاپن جي صلاحيت تي روشني وجھڻ جو موقعو مليو، جنھن کي ٻنھي ملڪن وچ ۾ ويجھن لاڳاپن حوالي سان بنيادي حيثيت حاصل آهي

اينڊريو شوفر ٻئين گرين شپنگ گول ميز مباحثي ۾ شريڪ ميزبان طور گڏيل چئلينجن، خاص ڪري موسمياتي تبديلي سان لاڳاپيل مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ عملي لھ وچڙ جي ضرورت تي زور ڀريو. گرين شپنگ جي موضوع تي هن گول ميز مباحثي جو انتظام عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي (USAID) جي مالي سهائتا سان پاڪستان ريجنل اڪنامڪ انٽيگريشن ايڪٽيوٽي (PREIA) پاران ڪيو ويو

اُن موقعي تي ويچار ونڊيندي اينڊريو شوفر چيو ته “اسان هن مباحثي جيان ڪيترن ئي قدمن توڙي تقريبن وسيلي موسمي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڳالهه ٻولھ جي همٿا سان گڏ وگڏاُن سلسلي ۾ پاڪستان جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ جديد حل ڳولڻ ۾ مدد ڪري رھيا آهيون. ” هُن سامونڊي وڻج واپار سان لاڳاپيل پائيدار سرگرمين جي سمورن شعبن ۾ منتقلي لاءِ سھڪار ڪرڻ تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي عزم ۽ ڪوششن کي به ساراهيو

آمريڪي مشن جي نائب سربراهه جي ڪاچي جي ھن دوري ۾ لنڪن ڪارنر ڪراچي ۾ ڪجهه گهڙيون ترسڻ به شامل هو، جتي هُن شاگردن، ڪاروباري ماڻھن ۽ رضاڪارن سان ملاقات دوران سندن ثابت قدمي سان محنت توڙي تخليقي صلاحيتن جي ساراهه ڪئي. اينڊريو شوفر پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ ۽ ترقي جو سفر جاري رکڻ لاءِ نوجوان نسل جي قيادت ۾ جدتن جي اهميت تي به روشني وڌي

Read Previous

برطانوي گهرو آفيس 45 ڪيٽيگريز ويزا جي فيس ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Read Next

چين ۽ روس هائپرسونڪ ميزائل جي ريس ۾ آمريڪا کان اڳتي نڪري ويا آهن

Most Popular