مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جا ڪيس ختم ڪرڻ بابت اهم اڳڀرائي

ليگي اڳواڻ مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف مذهبي بنيادن تي نفرت پکيڙڻ جي الزام هيٺ داخل دهشتگردي جي ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مريم اورنگزيب، جاويد لطيف، اڳوڻي سيڪريٽري شهيره شاهد، اڳوڻي ايم ڊي پي ٽي وي سهيل خان ۽ پي ٽي وي جي راشد بيگ خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

لاهور پوليس ڪيس ختم ڪرڻ جي پراسيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته ڪيس جي مدعي پاڻ چيو آهي ته هو ڪيس نٿو هلائڻ چاهي ان حوالي سان ڪيس ختم ڪرڻ واري رپورٽ تيار ڪري لاڳاپيل عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي.

جسٽس طارق محمود جهانگيري پاران جاويد لطيف ۽ ٻين خلاف پشاور جي ڪيسن بابت رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتي ۽ ڪيس جي مدعي رحمان الله طرفان 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي نومبر جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته 19 سيپٽمبر 2022 تي پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين تي الزامن جي حوالي سان ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

Read Previous

شاهين شاهه آفريدي کي نائب ڪپتان بڻائڻ جو امڪان

Read Next

ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارت ملوث آهي: ڪينيڊين وزيراعظم

Most Popular