پٺاڻ سڀني کان سٺا هوندا آهن، رڳو دشمني ڊگهي هوندي اٿن: چيف جسٽس

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ زمين جي تڪرار بابت هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته پٺاڻ ته سڀني کان سٺا هوندا آهن، هنن جهڙو اخلاق توهان کي ٻئي هنڌ نه ملندو، پٺاڻن جو بس اهو آهي ته دشمني ڏاڍي ڊگهي هلائيندا آهن

وڪيل چيو ته لڳي ٿو ته مون غلط جڳهه تي اهڙي ڳالهه ڪري ڇڏي، وڪيل جي جملي تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا

چيف جسٽس ساٿي ججز ڏانهن ڏسندي چيو ته مون کي نه ٿو لڳي ته بينچ ۾ هن معاملي تي اتفاق راءِ ٿيندو، چيف جسٽس جي تبصري تي به عدالتي ڪمري ۾ ٽهڪڙا مچي ويا

وڪيل ڪرائي جي معاهدي بابت اڌ انگريزي ۽ اڌ اردو ۾ ڳالهايو ته چيف جسٽس سندس ڪلاس به ورتو

چيف جسٽس چيو ته توهان ٻن ٻولين جو قتل ڪيو آهي، يا ته اردو ۾ ڳالهايو يا وري سڀ ڪجهه انگريزي ۾ ڳالهايو

چيف جسٽس ٻئي ڏينهن به معمول جي ڪيسز جي ٻڌڻي هلائي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 5 مان 3 ڪيس اڪلائي ڇڏيا

Read Previous

بجلي چورن کان بقاياجات جي وصولي لاءِ ملڪيت ضبط ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

چونڊن جي تاريخ جي اعلان جو اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular