چونڊن جي تاريخ جي اعلان جو اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان جو اختيار اليڪشن ڪميشن کان سواءِ ڪنهن وٽ ناهي، اسٽيبلشمينٽ وٽ اهي اختيار ناهن

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس پارليامينٽ جي بالادستي بابت آهي، هي ايڪٽ وڏي اهميت رکي ٿو، هن ڪيس جي نتيجي ۾ بئنچ جوڙڻ جي اختيار واري معاملي تي فيصلو سامهون ايندو

بلاول وڌيڪ چيو ته بئنچ ٺاهڻ جو اختيار اڃا تائن چيف جسٽس جي صوابديد آهي، هن ڪيس جو فيصلو ايندو ته وڌيڪ صورتحال واضح ٿيندي

پ پ چيئرمين چيو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان رڳو اليڪشن ڪميشن ڪري سگهي ٿي، ٻِي ڪنهن ڌر وٽ اِهو اختيار نه آهي

Read Previous

پٺاڻ سڀني کان سٺا هوندا آهن، رڳو دشمني ڊگهي هوندي اٿن: چيف جسٽس

Read Next

رتوديرو: جرڳي جي ڏنڊ واري رقم جي ورڇ تان جهيڙو: عورت قتل

Most Popular