ڪينيڊا جي واحد پاڪستاني ڄائي پارليامينٽ ميمبر خالد رشيد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪينيڊا جي صوبي اونٽاريو جي واحد پاڪستاني نژاد ڪينيڊا جي پارليامينٽ ميمبر خالد رشيد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

پاڪستاني نژاد ڪينيڊين وزير پبلڪ اينڊ بزنس سروس ڊليوري جو قلمدان سنڀاليو. هو انٽيگريٽي ڪميشن آڏو انڪوائري کي منهن ڏئي رهيو آهي.

صوبائي وزير خالد رشيد اونٽاريو جي پريميئر ڊگ فورڊ پاران ٽورانٽو ۾ گرين بيلٽ جي زمين مقامي ڊولپر کي سستي اگهه تي ڏيڻ واري اسڪينڊل جي روشني ۾ آهي.

آمريڪي رياست لاس ويگاس جي هڪ هوٽل ۾ ڄاڻايل ڊولپر سان سندس ملاقات بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ان حوالي سان ڪليم رشيد جو چوڻ آهي ته ڊولپر سان هوٽل جي لابي ۾ اتفاقي ملاقات ٿي هئي.

Read Previous

ايلون مسڪ سڀني ايڪس صارفين کان ماهوار فيس چارج ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

96 سالن جي آمريڪي عورت جج ڪاوڙ سبب معطل ٿي وئي

Most Popular