ڪوهستان جي سرڪاري زمينن ۾ ڦيرڦار جي جاچ شروع، نيب جو ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ڪوٽڙي ۾ ڪراچي نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر رميش ڪمار جي اڳواڻي ۾ نيب ٽيم ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پهچي وئي، نيب ٽيم پاران ڪوهستان جي تعلقي ٿاڻي بولا خان جي يونين ڪائونسل مول جي 2008 کان 2023 تائين جو سموري رڪارڊ جا تفصيل ورتا ۽ انهي سان گڏ نيب پاران تعلقي ٿاڻي بولاخان جي روينيو عملي جي مقرري جا پڻ تفصيل گهري ورتا،

هوڏانهن مليل ڄاڻ موجب چار ڏينهن اڳ نيب ڪراچي مول ديهه جو سمورو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي، تعلقي ٿاڻي بولاخان جي ڪوهستان واري پٽي ۾ بااثر بروڪرن ۽ بلڊرن توڙي جڙتو روينيو رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪندڙ ڪامورن جي پڻ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي

جاچ بابت مليل ڄاڻ موجب نوري آباد ايم نائين موٽري ڀرسان ديهه مول ۽ ٻين علائقن جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪرڻ واري شڪايت تي روينيو رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي، نيب ٽيم ٿاڻو بولا خان جي زمينن جو روينيو رڪارڊ چيڪ ڪري گهربل رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آهي، نيب ٽيم 2008ع کان 2023ع تائين جي سرڪاري زمين جو 15 سالن جو رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي

معلوم ٿيو آهي ته ديھ مول جي سرڪاري رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪري بحريا ٽائون ۽ مختلف بلڊرز کي هائوسنگ اسڪيمن لاء غير قانوني طور تي زمينون الاٽ ڪيو ويون جن جي جاچ شروع ڪئي آھي، ذريعن موجب ديھ مول جي سرڪاري رڪارڊ جي هيراڦيري ۾ اي سي ٿاڻو بولا خان، مختيار ڪار ۽ تپيدار سان گڏ ڊي سي آفيس جي ٻين آفيسرن جي 2008 کان ٿيل مقرري جو پڻ گهربل رڪارڊ حاصل ڪري انهن کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان ٻڌايو پيو وڃي. نيب جي ڇاپي کانپوءِ لاڳاپيل آفيسرن توڙي بروڪرز ۾ ٿرٿلو متل آهي

Read Previous

ڪوٽڙي ۾ مهانگائي خلاف شهرين جو ڳچيءَ ۾ سُڪل مانيون ٻڌي احتجاج

Read Next

آڊيو ليڪس ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي طلبيءَ جو نوٽيس معطل

Most Popular