سکن جي اڳواڻ ڊاڪٽر گريندر سنگهه جو چوڻ آهي ته ڪينيڊا جي سياست ۽ سکن جي معاملن ۾ ڀارت جي غيرمعمولي مداخلت خطرناڪ آهي.
ڊاڪٽر گريندر سنگهه چيو آهي ته ڪينيڊا ۾ سکن جي معاملن ۾ هندستان جي غيرضروري مداخلت جو جسٽن ٽروڊو به G20 اجلاس ۾ ذڪر ڪيو هو.
هن چيو ته ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو سکن لاءِ آواز بلند ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو هڪ ذميوار رياست جو سربراهه آهي.