لنڊن ۾ چاقوءَ جا وار ڪري نوجوان قتل

ڏکڻ لنڊن ۾ هڪ نوجوان کي چاقو سان قتل ڪيو ويو.

برطانوي ميڊيا موجب جوبلي پارڪ ۾ حملي ۾ 19 سالن جو نوجوان سخت زخمي ٿي پيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايئر ايمبولينس طلب ڪئي وئي پر نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب موت جو سبب دل تي چاقو لڳڻ ٻڌايو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاملي جي جاچ جاري آهي، هڪ جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس واقعي جي اکين ڏٺن شاهدن کي به پيش ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

Read Previous

ڪينيڊا جي سياست ۾ ڀارت جي غير ضروري مداخلت خطرناڪ آهي: سک اڳواڻ

Read Next

چنڊ تي اماڻيل ڀارتي مشن چندريان -3 تان سگنل اچڻ بند

Most Popular