
جده: پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ سعودي عرب ۾ فراڊ جو شڪار ٿي وئي. صندل خٽڪ سان مبينا طور تي سعودي عرب ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ويزا جي مد ۾ فراڊ ڪيو، فراڊي جو واسطو لاهور سان آهي
صندل خٽڪ ٻڌايو ته جوابدار پئسا وٺي پاسپورٽ رکي ڇڏيندو آهي ۽ ويزا رد ٿيڻ جو اسٽيمپ ڏيکاري ڇڏيندو آهي، ان ڪم جا 10 هزار ريال وٺي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته جوابدار خلاف ايف آءِ اي ۾ رپورٽ داخل ڪرائينديس
هوڏانهن ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته شڪايت وصول ٿيڻ کانپوءِ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي